اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ??ها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ??لڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ??ن سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن ??بب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن ??وام کي ??هت??ين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن جي به هدايت ڪئي ته جيئن ??وليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم پوليو جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ??هت??ين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي قومي ڏينهن ??ي قومي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.