شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽي??اڪوٽا واريئر م??وز??م جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽي??اڪوٽا واريئر م??وز??م جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽي??اڪوٽا واريئر م??وز??م جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف م??وز??م جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي محنت سان دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان م??وز??م جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اه??ي تاريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تبديل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽي??اڪوٽا واريئر م??وز??م جي دوري جي موقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.