ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي پنهنجي عوام کي غربت مان ڪڍي ترقي جون منزلون طئي ڪري س??هن ٿا، ڀارتي حڪومت غربت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي، ڀارت انتهاپسند نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي دنيا ڏسي رهي آهي، جيڪو هڪ وڏ?? الميي جو سبب بڻجي س??هي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن کي تاريخ جي بدترين سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انسٽيٽيوٽ ??ف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب کانپوءِ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيرا??ظم چيو ته اڳواڻ اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو نظريو هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي موقف تي قائم رهندو آهي.