اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي مل?? ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرا?? جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي مل?? ۾ قائم ڪيل پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط ۾ وڌيڪ بهتري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگاهن جي دائري جي سڄي مل?? ۾ توسيع جي حوالي سان تجويز ڪيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.