اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسپين جي پرڏيهي وزير ??رنچا گونزيلز لايا کي ٽيليفون ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جي روڪ??ام جي حوالي سان حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڪورونا سبب اسپين ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن وبا تي ضابطي لاءِ اسپين جي حڪومت طرفان کنيل بروقت قدمن ۽ ان ??ئل??نج کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيڻ تي اسپين جي هيلٿ ورڪرز جي قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان کي اهو ڏسي تمام خوشي ٿي آهي ته اسپين ۾ ر??ندڙ هڪ لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني هن مشڪل گهڙي ۾ اسپين جي عوام سان گڏ بيٺل آهن.