اسلام آباد – 03 جون (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جهڙي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي جامع ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوائن جي شعبي خاص ط??ر تي موذي مرضن جي خلاف تعاون وڌائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوا?? صدر ۾ ميجر جنرل ڊاڪٽر فيه زو جي سربراهي ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي طبي ماهرن جي 10 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.