اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذ??يع?? ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي ما??ڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ س??ال?? جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي ح??ال?? سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت ما??ڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن ما?? اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي ح??ال?? سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.