اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت قومي دو??ت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا اين آر او نه ڏيندي. هن نجي ٽيليويزن چئنل جي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته مافيا متحد ٿي رهي آهي جيڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت کي مايوس ڪرڻ جي لاءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شرڪت ڪندڙ ماضي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شرڪت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي جي شناخت لڪائڻ جي لاءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن سينيٽائيزر، نقاب ۽ پاڻي مهيا ڪيو و??و هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزي??اع??م نواز شريف، جيڪو طبي علاج مان لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ لنڊن و??و هو هاڻي اتان کان سياست ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳو??ڻ پنهنجي 40 سالن جي عرصي حڪمراني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي جيڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي معاملن ۾ ملوث آهن.