اسلام آباد ??? 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گستاخانا خا??ن جي حوصلا افزائي سان اسلام ۽ اسان جي پيغمبر صه کي نشانو بڻايو ??يو وڃي، صدر رامانوئل ميڪرون جي اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائڻ جي عمل يورپ ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن جي ج??بن کي مجروح ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي ج??ري هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ ليڊر جي سڃاڻپ اها آهي ته ه?? ماڻهن کي متحد ڪندو آهي. نيلسن منڊيلا ماڻهن کي ورڇ ڪرڻ بدران انهن کي متحد ڪيو، هي وقت آهي ته صدر رامانوئل ميڪرون وڌيڪ ورڇ بدران انتهاپسندي کي روڪي.