اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جديد تاريخ جو سڀ ک??ن بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ بلڪل واضح انداز ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنج جنوري 1949ع تي گڏيل قومن ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام کي هڪ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ جي حق جي ذريعي خودمختياري واري حق جي ضمانت ڏني، اسان ان ڏينهن کي گڏيل قومن ۽ ان جي ميمبر رياستن کي ڪش??ير واسين سان جڙيل ان اڌوري وچن جي يادگيري ڪرائڻ جي طور تي ملهائيندا آهيون، جنهن کي نڀائڻ اڃان باقي آهي، پاڪستان جديد تاريخ جي سڀ ک??ن بي رحم، غير انساني ۽ غير قانوني قبضي جي ڏاڍ کان آزادي جي جدوجهد ۾ ڪش??ير واسين سان گڏ بلڪل واضح انداز ۾ بيٺل آهي.