اس??ام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي م??جو?? فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مس??لي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مس??لي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مس??لن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مس??لن جي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگا??ه ڪيو.