اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته انشاءُ الله ايندڙ سال ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بل گيٽس سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ??اءِ سندس فائونڊيشن جي مدد تي ان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، هن چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 56 ڪيسز سامهو?? آيا هئا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين پوليو جو صرف هڪ ڪيس سامهو?? آيو آ??ي، انشاءُ الله ايندڙ سال اسان پوليو جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏينداسين.