اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست ??ڻا??ڻ جي حوالي ??ان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تع??يت جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تع??يت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.