اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف حڪومت 45 سي??ڙو مهانگا بجلي گهر لڳائي قومي ڏوهه ڪيو، جيڪڏهن هنن پنهنجي فيڪٽريون ??ڳائڻيون ??جن ته سوچي سمجهي قدم کڻندا آهن پر قومي منصوبن سان سدائين ظلم ڪيو، ماضي جي حڪومت جي غلط فيصلن جي ڪري 2030ع تائين ٽيڪ او پي جي مد ۾ 3 هزار ارب ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، شريف خاندان اهڙن منصوبن جي ذريعي عوام جي ڪنڌ ۾ ڦن??و لڳائي ويو جيڪو اڄ تائين ان کي ڀوڳي رهي آهي،ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي روزگار ۽ هنر جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هن وقت تائين 28 ارب روپين جو قرض جاري ڪيو ويو آهي، ماضي جي حڪومت ليپ ٽاپ ۽ ييلو ٽيڪسي جهڙين اسڪيمن جي ذريعي نوجوانن کي خريد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي رهي، ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو ۽ هنر حاصل ڪندڙن کي سڄي زندگي فائدو پهچندو رهندو. هو هتي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت جي قطر سان 10.4 سي??ڙو برينٽ تي معاهدي سان بچت ٿي آهي ٻي صورت ۾ ان جو به ٻار نظام تي پوي ها، هن چيو ته ن ليگ نوجوانن کي خريد ڪرڻ لاءِ ليپ ٽاپ ۽ ييلو ٽيڪسين جون اسڪيمون ??تعارف ڪرايون ??ر نوجوانن 2018ع جي اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جي زريعي ٻڌائي ڇڏيو ته هو عمران خان جا سپاهي آهن، هن چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت مختلف پروگرام نوجوانن جي لاءِ هلي رهيا آهن، ڪامياب جوان لون ??روگرام جي ذريعي نوجوانن کي ڪنهن خاص ڪم ۾ تجربي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ موقعا ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته 28 ارب جا قرض نوجوانن کي فراهم ڪيا ويا آهن، ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام جو آغاز ڪيو ويو، 10ا رب روپيا ان پروگرام جي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، سمورن صوبن ۾ اسڪ??لر??پ فراهم ڪيون ??يون آهن، وڌيڪ هڪ لک اسڪ??لر??پ ڏينداسين، نوجوانن جي هنر جا 100 کان وڌيڪ پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن، هن چيو ته 26 هزار نوجوانن جي پهرين ??ين?? تربيت حاصل ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري چڪي آهي، اسان جو فوڪس آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي وڌائڻ آهي، هن سال ٽارگيٽ کان به اڳتي وينداسين.