تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي ??ور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فوري طور تي ??حال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي ??هن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني ??م منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آ??ي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي ??هن. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني ??م منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ??فصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي ??من ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.