اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته سڌارن جي لاءِ عدالت بدران اسپيڪر آفيس اچن، توهان جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين، اي وي ايم جي نظام کي اڳ ۾ صرف سمجهو توهان جا سمورا ??دشا ختم ڪنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پر??يهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ جي ح?? کان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون، اهو اسان جو چونڊ واعدو هو. هن چيو ته شريف، زرداري فيملي جي سياست ماضي جو قص?? آهي، هاڻي مخالف ڌر ۾ به نئين رانديگرن جو وار?? آهي. ايندڙ ٻه سال پاڪستان جي تاريخ ۾ ايندڙ ٻن ڏهاڪن جي سياست طئي ڪندا. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي سياست جو مڪمل خاتمو ايندڙ ٻن سالن ۾ طئي آهي.