اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولياتي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئلن جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کا?? بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کا?? پاڪ پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. ماحولياتي تبديلي بابت مسئلن جي حل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪاري جي ذريعي حڪومت وڌ کا?? وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏ??ن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ ??ي ذريعي شريڪ ٿيا.