اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، سرد موسم ۾ افغانستان جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي اهڙو ميڪنزم جوڙيو و??ي جنهن سان افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. اسان ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان کي فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان افغانستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي آهي، ان قدم سان افغانستان جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چ??و ته او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چ??و ته اسان جي ڪوشش آهي ته دنيا افغانستان جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چ??و ته ”دي اڪانومسٽ“ گذريل مهيني پنهنجي رپورٽ ۾ افغانستان جي اندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي افغانستان جي عوام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چ??و ته اسان سياست تي بعد ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چ??و ته وزيراعظم عمران خان سدائين افغانستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي حڪومت افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌا??و ته او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ??رڏ??هي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪن جا ??رڏ??هي وزير شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چ??و ته سعودي عرب سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا قائم آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي آ??و ته آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شام?? هو.