اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين تي وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽ??ون وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، وائيس چانسلر نيشنل اسڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختيار اجلاس کي يونيورسٽي تي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻي سينيٽ اجلاس ?? ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي به بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي کي ايڇ ??ي سي جي پاران اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، ڪيميڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، سول انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جا نوان ڪلاسز شروع ڪرڻ جو اين او سي ملي ويو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي 20 آڪٽوبر 2021ع جي ٿيندڙ ٻي اجلاس ?? ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.