اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم وا??س ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رقم لازمي وا??س ڪري. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مي??يجر جي هٿان فراڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، فيصل آباد جي شهري محمد عبدالرشيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئنيجر وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مي??يجر اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رقم اڪائونٽ ?? جمع نه ڪرائي جڏهن ته 56 شهرين سان فراڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ڦٻائي وئي، شهري بئنڪ کان رقم ??اپ??ي لاءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رقم ??اپ??ي جو حڪم ڏنو، نيشنل بئنڪ رقم وا??س ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته بئنڪ مي??يجر جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد درست آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ درست رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ مي??يجر کي رقم جمع ڪرائي، بئنڪ مي??يجر جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪرڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ان لاءِ اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.