اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي ??ونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪ?? يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي، حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صحافي برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پ??هن??ي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي ??ونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته صحاف??ن جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پ??هن??و ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحاف??ن جي نئين چونڊيل قيادت پ??هن??ي پيشي ۽ ساٿي صحاف??ن جي مسئلن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.