اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا ??اڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن جيڪي هر مشڪل وقت ۾ آزمايل ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن انهن مان ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو به هڪ چئلينج آهي، عالمي لاڳاپن جو بنياد بالادستي بدران اصولن تي هجڻ گهرجي، پاڪستان چين جي مختلف شعبن ۾ ترقي جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آه??، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻئي ملڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن، گوادر بندرگاهه سان چين جي اولهندي علائقن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، سائبر سيڪيورٽي ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي هر موسم جي تزويراتي تعاون تي ٻڌل حصيداري تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي دوستي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ٻئي انهن لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي رهيا آهن جيڪي 50ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿيا هئا ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ زبردست ترقي ڪندا هئا. هن چيو ته چين جو دنيا سان رابطو پاڪستان ذريعي قائم ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ ??در چيو ته نئون عالمي نظام اڀري رهيو آهي. مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ چين جي سوچ هڪ جهڙي آهي. ??در زور ڏنو ته ڪا به عالمي تبديلي بالادستي بدران اصولن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. آئرن برادرز جي وچ ۾ لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ جو ذڪر ڪندي ??در چيو ته ٻئي ملڪ ون بيلٽ اينڊ ون روڊ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت تاريخي لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي رهي آهي. ??در چيو ته اهي لاڳاپا ع??ام سان ع??ام جي رابطي تي ٻڌل آهن. ??در علوي چيو ته ٻنهي ملڪن کي آزمائش جي گهڙين کي منهن ڏيڻو پيو. دنيا کي مختلف چئلينجز درپيش آهن ۽ ڀارت جي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي جهڙا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ پائيدار امن تي زور ڏئي رهيا آهن. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن جا ??اڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي ته ڪيئن ملڪ دوستاڻن ۽ اصولن ۽ گڏيل افهام تفهيم جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ بابت ??در چيو ته اها تعاون جي منفرد شڪل آهي، سي پيڪ جا ??ڪمل ٿيندڙ منصوبا اٽڪل 28 بلين ڊالر جا ??ئا جڏهن ته وڌيڪ 24 بلين ڊالر جا ??نصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ سي پيڪ جا ??اڪستان جي معيشت تي زبرسدست اثر پوندا. سي پيڪ جي خلاف ڀارت پاران شروع ڪيل پروپئگنڊه کي رد ڪندي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وسيع تعاون جاري آهي. هن چيو ته ان سيڙپڪاري تي تمام گهٽ مارڪ اپ استحصال بدران گڏيل تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو جهڙوڪ منصوبي جي مخالفت ڪندڙن پاران اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ??در چيو ته سي پيڪ تحت شروعاتي منصوبا توانائي تي ٻڌل هئا ڇو ته پاڪستان کي توانائي جي سخت کوٽ درپيش هئي، بعد ۾ ٻئي مرحلي ۾ خوراڪ، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي ۾ تعاون جا ??ڏا شعبا آهن. ??در ان ڳالهه کي ورجايو ته انهن گهڻ رخن منصوبن جي ذريعي پاڪستان ۾ ماڻهن کي روزگار جا ??ڌيڪ موقعا ملندا ۽ اهي غربت کان ٻاهر ايندا. هن چيو ته صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائي غربت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو جنهن تي پاڪستان احساس پروگرام جهڙن مختلف قدمن ذريعي پورو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چين ٻُڙي ڪوويڊ پاليسي اختيار ڪئي هئي پر پاڪستان ان کي بلڪل مختلف انداز ۾ سنڀاليو، پاڪستان ۾ حڪومت جزوي لاڪ ڊائون جي چونڊ ڪئي ڇو ته ان جي معيشت مڪمل لاڪ ڊائون جو بار برداشت نه ڪري سگهي ها. هن چيو ته جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 6800 ڪوويڊ ڪيسز هئا. گوادر بندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??در چيو ته تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آه??، اها نار خطي جي ويجهو موجود سڀ کان وڏي بندرگاهه ۽ اونهي سمنڊ جي هڪ وڏي بندرگاهه آهي. ??در چيو ته اها چين جي اولهندي علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي جيڪو ان جي لاءِ وڏو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه ماهيگيري سميت ٻين رخن سان به اهم آهي. ??در ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو ته اهي چين کان گوادر ۽ گوادر کان چين تائين سامان جي چرپر کي يقي??ي بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪن. هن چيو ته گوادر افعانستان ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جي لاءِ مختصر ترين رستو هوندو. هن چيو ته جيترا وڌيڪ رابطا قائم ٿيندا ايتري ئي وڌيڪ ترقي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي دنيا تائين ٿيندي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گوادر بندرگاهه پوري خطي ۾ امن ۽ ترقي کي يقي??ي بڻائيندي.