اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀ??رت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ ڀ??رت کي حالتون سازگار بڻائڻيون پونديون، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 کان 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته پاڪستان سدائين پرامن گڏيل ??قا??ُ جي بنياد تي ڀ??رت سان بهترين لاڳاپا رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر نئين دهلي ڪڏهن به مثبت جواب ناهي ڏنو، ترجمان چيو ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، ڀ??رت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انسانيت تي ظلم ڪري ۽ عالمي قانونن کي ٽوڙي رهيو آهي دنيا ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه آهي، هن چيو ته ڀارتي فورسز جا ظلم دنيا جي اکين کان اوجهل نه آهن، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، ترجمان چيو ته ڀ??رت سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جون حالتون نه آهن، ڀ??رت کي ان حوالي سان حالتون سازگار پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته پاڪستان ڀ??رت ۾ امن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڀ??رت دوستي ۽ ڳالهين جو مثبت جواب نه ڏنو، ترجمان چيو ته ڀ??رت کي واگها جي ذريعي افغانستان ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جي به اجازت ڏني، پر هن اڃان تائين نه تاريخ جو ٻڌايو نه ئي ٽرڪن جا تفصيل ڏنا، ڀ??رت ان حوالي سان مڪمل تفصيل فراهم نه ڪري رهيو آهي، عاصم افتخار چيو ته جعلي معلومات تي ڀ??رت دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڀ??رت پاڪستانين جي يوٽيوب چئنلز کي جعلي قرار ڏئي بلاڪ ڪرائي رهيو آهي ۽ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي رهيو آهي، هن چيو ته ڪشمير پريس ڪلب جي بندش صحافين جي گرفتاري ان جا واضح مثال آهن، ڀ??رت پاڪستان تي الزام لڳائي منفي پروپگينڊا جي ذريعي ٽارگيٽ ڪندو آهي، پر هاڻي پاڻ عالمي ادارن ڪوڙي پروپيگنڊا تي ان کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عاصم افتخار چيو ته سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، ڪورونا جي با??جود سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، دوري دوران ان جي اڳڀرائي جو جائزو ٿيندو، ترجمان چيو ته وزيراعظم بيگجنگ سرمائي المپنڪس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو، چين جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٿيندي، ترجمان ٻڌايو ته او اءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 ۽ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير جي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهه ٿي آهي، افغانستان بابت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ به حوثي باغين جي وڌيڪ حملن جي مذمت ڪري ٿو، ٽي ٽي پي جي حوالي سان معيد يوسف جو بيان غلط رپورٽ ٿيو.