ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لا??اپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، روس ۽ يوڪ??ائ?? جي وچ ۾ تازي ترين ص??رت??ال افسوسناڪ آهي، پاڪستان سفارتڪاري سان ان جي حل جي اميد ڪري ٿو، تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌ??ائ?? موجب روس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لا??اپن، ٻطرفي مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان اطمينان جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل لا??اپن ۾ مثبت اڳڀ??ائ?? جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته لا??اپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??لي?? شپ اقتصادي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توانائي سان لا??اپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گ??ڻ رخن لا??اپن جي عزم کي ورجايو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ معاشي تباهي جي روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري تعاون ۽ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي ص??رت??ال جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده ص??رت??ال کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان چيو ته علائقائي توازن کي برقرار رکڻ ۾ معاون قدم کنيا وڃن. وزيراعظم روس ۽ يوڪ??ائ?? جي تازه ترين ص??رت??ال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته فوري تڪرار کي سفارتڪاري سان حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته تڪرار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم زور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته معاشرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي روس جي دوري تي آهي. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ آهن.