اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته عمران خان کي دوکو ڏيڻ وارو بي آبرو ٿيندو، ان جي ٽڪي جي عزت نه رهندي، ناراض ميمبرن جي لاءِ واپسي جا دروازا کليل آهن، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان جي نالي تي ?? پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي وڃو، اهڙا ماڻهو اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين ۽ پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙهن ۽ کٽي اچن، پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين، سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن آفيس ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪنهن کي دوکو ڏيڻ نامناسب آهي، جهڙي طريقي سان ماڻهو ويا آهن انهن تي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، انهن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته توبهه جو دروازو سدائين کليل رهي ٿو، اسان اهو نه ٿا چئون ته ا??ي ماڻهو لازمي عمران خان کي ووٽ ڏين، اسان جو چوڻ آهي ته ا??ي اڳ ۾ استعيفيٰ ڏين، پوءِ پنهنجي تڪن ۾ وڃي اليڪشن وڙهن ۽ کٽي اچن ۽ پوءِ جنهن کي چاهين ووٽ ڏين پر ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ا??ي ماڻهو عمران خان جي نالي تي ?? پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽين ۽ ان کانپوءِ لوٽا بڻجي وڃن ۽ پئسا وٺي پنهنجو پاڻ کي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، اسان جو معاشرو ۽ سياست ان جي اجازت نه ٿو ڏي. چوڌري فواد حسين ??يو ته مخالف ڌر جي خواهش آهي ته عمران خان بليڪ ميل ٿي ويندو ته ائين هرگز نه ٿيندو، مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، اڳ ۾ به ??يو هو ته تلخيون ايتريون پيدا نه ڪريو جو پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ ئي مشڪل ٿي وڃي، سنڌ هائوس ۾ ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، ائين پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ ڪڏهن به ناهي چاهيو. هن ??يو ته تلخين کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، مخالف ڌر لوٽي پن کان باز اچي ۽ آئين کي مٿانهون رکندي ان موجب ??ڳت?? هلي. هن ??يو ته جهڙي طرح (ن) ليگ ?? پيپلزپارٽي پنهنجو 5 سالا مدو پورو ڪيو، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي حڪومت کي به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته سازشن سان عمران خان کي نه ٿو هٽائي سگهجي، عوام کي حق حاصل آهي ته ا??ا ڪنهن کي ٿي چونڊي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي بند ڪري رکيو ويو آهي، فون اچي رهيا آهن ته اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته اسان پنهنجو جلسو ڪري رهيا آهيون ۽ مخالف ڌر پنهنجو جلسو ڪري، ڪو ٽڪراءُ نه ٿيندو، پنهنجا پنهنجا ڏينهن ۽ جڳهه مارڪ ڪري وٺو، آئين تحت اهو بنيادي حق آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو اسپيڪر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. هن ??يو ته سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن.