اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ صوماليه جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت س??يت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي مل??ن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوماليه جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ??لا??ات دوران ڪيو. صدر او آءِ سي مل??ن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ت?? صوماليه جو ٿورو ادا ڪيو، صدر ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت ت?? زور ڏنو، صدر صومالي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صدر چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صومالي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنهنجي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صدر ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.