اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏ??ڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آه??ون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.