اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پوري ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ??رو??ت آهي. پاڪ فضائ??ه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي ص??ر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفوا جي ??يئ?? پرسنز سان گڏ پاڪ فضائ??ه جي سڀني ايئر بيسز تي ??رو??تمند ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ??رو??ت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فضائ??ه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن. پاڪ فضائ??ه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائ??ه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ فضائيه طرفان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ??رو??تمند ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي سگهجي.