اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي ع??ب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پ??ڪس??ان سعودي ع??ب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان سعودي ع??ب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي لاءِ سعودي ع??ب جي ڪوش??ن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پ??ڪس??ان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته حوثين پاران جنگبندي جي تجديد نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي ع??م شهرين جي لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي ع??ڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل قومن جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ??ڪس??ان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.