اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ثقلين سيده، ڪينيا جا پوليس عملدار ۽ ڊاڪٽر هن وقت نيروبي جي مرده گهر ۾ موجود آهن. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مرحوم ارشد شريف جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي. سڃاڻپ کان پوءِ هاڻي ميت جي واپسي ??ي لاءِ قانوني ??مل شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن وقت ميت جي سڃاڻپ ۽ وطن واپسي ??ي لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ڪينيا جي عملدارن کي ضابطي جي ڪاروا??ي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.