اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آه??، بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي مدد ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس پروگرام تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ٻيا به شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پاران تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پروگرامن جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آه?? ۽ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار رهي آه??. بريس پروگرام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ هي اهم پروگرام اسان جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پروگرام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، جيڪي اڳوڻي حڪومت پاران ورثي ۾ مليا آه??. ملڪ کي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ قدرتي آفت درپيش آه??، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آه??، حڪومت اڪيلي ان مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ امداد جي ورڇ جاري آه??. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق به پروگرام تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آه??. ان موقعي تي اي ڊي بي جي وائيس پريزيڊنٽ چيو ته بريس پروگرام 1.5 ارب ڊالر جو پروگرام آه?? ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.