اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدار?? تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آ??ي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته هر مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪمن موجب تعليم حاصل ڪرڻ جو فطري حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدار?? تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.