اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت ن??ٽي?? وٺن??ي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت ن??ٽي?? وٺن??ي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم ??اچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم ??وانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.