اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيرا??ظم کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي ق??ر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ور??ائ??ندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.