اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن جي لاءِ ??سان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪڌن مقصدن جي راهه ۾ وڏي ر??اوٽ آهن، دهشتگرد امن جي لاءِ ??سان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگه??. ه?? چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙن کي وري قوم سلام پيش ڪري ٿي.