ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ سيڪٽر ۽ رياستي ادارن تي خصوصي ماڻه?? کي فعال شهري بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري کي وڌيڪ جامع بڻائڻ جي سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار، سهولتن ۽ قبوليت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، عو??تن ۽ خصوصي ماڻهن جي خودمختياري جي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ بئنڪن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ساليانو انعامي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر اهي ڳالهيون گورنر هائوس ڪراچي ۾ بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نمائندن سان عو??تن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مختلف صلاحيتو?? رکندڙ ماڻهن جي شموليت بابت اجلاس دوران چيون. صدر چيو ته ڪاروباري ادار?? کي رڳو پنهنجي منافعي کي وڌائڻ تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي پر معاشري جي پٺتي پيل طبقن خاص طور تي معذور ماڻهن جي مد?? جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پڻ ادا ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪنگ انڊسٽري کي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري جي پروگرامن جي ذريعي معاشري ۾ شموليت ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اين جي اوز يا نجي تنظيمن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻه?? کي مد?? فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر بئنڪ ۾ خصوصي فوڪل پرسنز جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن، سول سوسائٽي، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، بئنڪن وغيره کي مختلف معذور ماڻهن جي لاءِ قبوليت ۽ روزگار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جي اشار?? کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي مسئل?? کي حل ڪرڻ ۾ بئنڪنگ جي ڪردار کي ساراهيو. صدر عو??تن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شموليت بابت مسئلن ۽ چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي حوالي سان وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، پي ٽي اي کي موبائيل سروس جي پيغامن جي ذريعي ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن بابت وڏي پئماني تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ چيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو ته انه?? کي مناسب تربيت جي ذريعي هنرمند ۽ پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. هن مختلف معذور ماڻهن جي خاص طور تي شاپنگ سينٽرز، بئنڪنگ، ريسٽورانٽس، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تائين په?? کي بهتر بڻائڻ جي ضرو??ت تي پڻ زور ڏنو.