اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آمريڪا جي و?? ۾ ??عليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنه?? ملڪ?? ۾ ??نهن شعب?? ۾ ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي ٻنه?? ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن 9 جنوري 2023ع تي پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي و?? ۾ ??سٽر اسٽيٽ ريزوليوشن تي صحيحون ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پنجاب ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي راغب ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي جيڪا ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو دورو پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسيمبلي ميمبرن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. صدر ٻنه?? ملڪن جي يونيورسٽين جي و?? ۾ ??عاون کي وڌائڻ ۽ شاگردن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت کي ??جا??ر ڪندي صدر تجويز ڏني ته آمريڪي يونيورسٽيون پاڪستاني شاگردن کي لائيو ليڪچر فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن ??ور??ن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن وفد کي بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور ??جا??ر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد زراعت جي شعبي بابت ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ تعليمي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا جي پروگرامن تي پڻ زور ڏنو. وفد موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد اهو به ٻڌايو ته ڪيليفورنيا ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي ان جي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.