اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي ل??ءِ انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ انهن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان مشاورت جاري آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ م??ڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن کي پارلياماني معاملن واري ??ويزن ڏانهن منتقل ڪري ??ڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ م??ڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ بابت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ م??ڊيا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي ل??ءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته گهرو وزير ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي ل??ءِ وزارت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي مح??د جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ??ڏيو ۽ ان تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت، قانون ۽ انصاف وا??ي وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.