اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي جي دعوت تي خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ عام چونڊون م????قد ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب ملاقات دوران صدر ۽ گورنر آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۽ پهرين مارچ جي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي مشورو ڏنو ته گورنر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري، اٽڪل 2 هفتا گذري ويا، مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي. صدر آئين جي پاسداري ۽ مقرر مدي جي اندر عام چونڊون م????قد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون آئين لازمي قرار ڏنيون، سپريم ڪورٽ توثيق ڪئي آهي، مقرر وقت ۾ چونڊون م??ڪ ۾ پارلياماني جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهن.