اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهادت ماڻيند?? حوالدار محمد اظهر اقبال، نائ??ڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ ملڪ جا بهادر سپوت هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.