اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان سي پ??ڪ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي ع??ائ??ائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شرڪت سميت سي پ??ڪ جي توسيع تي ڳا??هه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره ڏينهن پرڏيهي آف??س ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي پليٽ فارمز تي ڳا??هه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 16 کان 18 مارچ تائين چين جو دورو ڪيو. هن چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي ۽ نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته دوري دوران ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ پاڪ چين ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جي ٽئين دور جي گڏيل صدارت ڪئي، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالياتي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ان ڳا??هه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطح جي ڳا??هه ٻولهه ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي وڌائيندا ۽ مواصلات جي ذريعن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.