اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سعيد س??ور سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نئين ذميوارين تي سعيد س??ور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.