اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ??ينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ ??فا??تخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي ت??اون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ??فا??تخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي ت??اون ?? ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.