اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چي?? آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪستان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چي?? ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چي?? ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چي?? ته اسان چاهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چي?? ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ پاڪستان جا چي?? سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان لاڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چي?? ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چي?? ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چي?? ته يورپي يونين جو به پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند اف??اد?? قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به اعتراض آهي.