اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي جا نا قابل ترديد ثبوت موجود آهن. ڀارت رياستي دهشتگردي ۾ سڌو سنئون ملوث آ??ي ۽ ان کي هٿي وٺرائي ر??يو آهي. دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته ڀارت ۾ انتهاپسندي عروج تي آ??ي ۽ سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار ڀارت روگ اسٽيٽ جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. عالمي برادري کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڀارتي منصوبن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا آهيون. ڀارت جي رياستي دهشتگردي تي وڌيڪ چپ رهڻ نه پاڪستان ۽ نه ئي ڏکڻ ايشيا جي مفاد ۾ آهي. پرڏيه?? وزير پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي هٿ هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيارن جي فراهمي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاند??ي ۽ پئسن جي منتقلي بابت شاهديون پيش ڪيون.