اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي غير ملڪي سيڙپڪارن، ملڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن اه?? انفارميشن ٽيڪنالاجي مان پاڪستان ۾ صنعت?? انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان اٿارٽي سان پاڪستان ۾ قوم?? انوويشن سسٽم جي ??رو?? ۾ مدد ملندي، ان اٿارٽي جو خصوصي اختيار ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هون??و، اهي زونز پاڪستان جي ه??ءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وزيراعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جامع ڪوششون ۽ جامع قومي ترقي ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ۾ مدد ملندي.