اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا ا??ڄا?? آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ ??رٽ??لائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن ??ينشنرز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وز??ر جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشن??ز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.