اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين پاران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس تحت 87 هزار 833 اڪائونٽس کولڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين اسٽيٽ بئ??ڪ جي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي حوالي سان ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو آهي، دنيا جي 97 ملڪن مان ان سلسلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين 87 هزار 833 اڪائونٽس کولرايا آهن ۽ رڳو 5 مهينن جي عرصي ۾ پاڪستان ۾ 50 ڪروڙ ڊ??لر موڪليا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين پاران رقم ??وڪلڻ جي تسلسل ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ رڳو گذريل 6 هف??ن ۾ 24 ڪروڙ 30 لک ڊ??لر ملڪ ۾ موڪليا ويا آهن.