اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 245 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته 40 ما??هو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 39 ما??هو اسپتالن جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان گجرات ۾ 61 سيڪڙو، پشاور ۾ 37 سيڪڙو، ملتان ۾ 24 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. هن وقت سڄي ملڪ ?? ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تعداد 24 هزار 139 ??هي. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 34 هزار 775 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 863، پ??جاب ۾ 12 هزار 49، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 430، اسلام آباد ۾ 3 هزار 456، بلوچستان ۾ 725، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ 764 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 31 هزار 840 ٿي چڪو ??هي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه ??هي. جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 241 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 68 هزار 506 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 673، بلوچستان ۾ 18 هزار 967، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 947، اسلام آباد ۾ 43 هزار 145، خيبرپختونخواهه ۾ 70 هزار 493، پ??جاب ۾ 1 لک 66 هزار 242 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 55 هزار 39 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 527 ??هي.