اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستقبل ۾ اهي ملڪ ترقي ڪندا جن جا نوجوان ملازمت کان وڌيڪ ڪاروبار تي ڌيان ڏيندا، اسان کي پنهنجي ادارن کي ترقي ڪندي ??ني?? سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، ڪامياب نوجوا?? پروگرام پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ا?? پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، موجوده دور ۾ هنر جي اهميت ۽ قدر پهرين کان وڌيڪ آهي، هنر جي استعمال سان ترقي ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ هنر جو فروغ اهميت رکندڙ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوا?? پروگرام جي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو، تق??يب ۾ وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين ۽ بحريه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به موجود هئا. تق??يب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوا?? پروگرام جي شريڪ ٿيندڙن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته ٽيڪنالاجي ??ني?? کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستا?? ۾ ??ه ٽيڪنالاجي سان تبديلي ايندي، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، فيس بڪ، گوگل، پي پال، ٽوئيٽر لانچ ڪرڻ وارا به ماڻهو به نوجوان هئا، انهن سڄي ??ني?? کي بدلائي ڇڏيو. اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي زندگين کي تبديل ڪرڻو آهي ته هنر لازمي آهي، هن چيو ته تبديل ٿيندڙ ??ني?? ۾ هنر جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آهي، اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ اهو رواج هو ته ڊگري حاصل ڪري ملازمت اختيار ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ملازمت جي جاءِ تي ڪاروبار جو تصور وڌي رهيو آهي. اهي ملڪ سدائين ڪامياب ٿيندا جيڪي ڪاروباري ماڻهو پيدا ڪندا، هن چيو ته اسان هنر جي استعمال سان پنهنجو پاڻ کي ۽ ??ني?? کي تبديل ڪري سگهون ٿا ان جي لاءِ اسان کي ترقي پسند سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا بدلجندڙ ??ني?? سان هڪجهِڙائي رکندي هجي.